سچل فقير جتوئي

سچل فقير جتوئي: سچل فقير جتوئي ولد صوبدار خان جتوئي ڳوٺ احمد خان جتوئي، تعلقي دادوءَ ۾ سال 1912ع ۾ ڄائو. صوفياڻو ڪلام ڳائيندو هو. شاهه جا سڀ سُر ڳائيندو هو. حضرت لعل شهباز جي ميلي ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ کيس دعوت ڏئي گهرائيندا هئا، جتي عارفاڻو ۽ صوفياڻو ڪلام پيش ڪندو هو، جنهنڪري سامعين کي جهومائي وجهندو هو. شاديءَ جي موقعن تي به ڳائيندو هو. سندس پرستارن ۾ سائين جي. ايم. سيد، پير علي محمد راشدي ۽ تاجپور جا نواب شامل هئا، جيڪي کيس خاص موقعن تي گهرائيندا هئا. شاهه عنايت جهوڪ واري جي سجاده نشين وٽ به محفلون ڪندو ۽ مهينن جا مهينا وٽن رهندو ۽ روزانو صوفياڻو ڪلام ڳائيندو هو.
هڪ ڀيري جيمخانه ڪلب دادوءَ جي هڪ خاص محفل ۾ کيس نامور اديب تاج صحرائيءَ دعوت ڏئي گهرايو هو، جنهن محفل ۾ جسٽس خميساڻي، سيشن جج دادو ۽ ٻيا آفيسر ۽ شهر جا معزز ماڻهو شامل ٿيا هئا. هڪ دفعي منڇر ڍنڍ تي منعقد ٿيل موسيقيءَ جي محفل ۾ گورنر جنرل غلام محمد ۽ وڏو وزير پيرزادو عبدالستار به شريڪ ٿيا.
سچل فقير 1980ع ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ سچل فقير جتوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو